مواد ڏانھن هلو

محمد عثمان ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

[[

فائل:محمد عثمان ميمڻ.jpg
محمد عثمان ميمڻ

|

محمد عثمان ميمڻ (انگريزي: Muhammad Usman Memon) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور ليکڪ، آرڪيالاجسٽ، قالم نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. 2009 کان 2019 تائين پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي پروجيڪٽ جي انسائيڪلپيڊيا ”سنڌيانا“ جو ڊائريڪٽر ھيو. انھي عرصي دوران انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جا 12 جلد مڪمل ٿيا.

زندگي جو احوال

ممحمد عثمان ميمڻ دادو ضلعو هاڻ ڄامشورو ضلعو جي سيوهڻ تعلقو جي بوبڪ شهر ۾ محمد بچل ميمڻ جي گهر ۾ پهرين اپريل 1952ع تي پيدا ٿيو. سندس خاندان بعد ۾ لڏپلاڻ ڪري دادو شهر ۾ رهائش پذير ٿيو.[1]

تعليم

عثمان ميمڻ پرائيمري ۽ مذهبي تعليم دادو جي هڪ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. هن عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي تعليم دارالفيوز دادو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو منجهان ڪيائين. انٽر سائنس جو امتحان جامعه مليہ ڪاليج ملير مان پاس ڪيائين.جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم پڻ ڪيائين.

ادبي خدمتون

محمد عثمان ميمڻ لکڻ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي پر شاعري جي شروعات استاد بخاري جي شاگردي ۾ ڪئي. پاڻ استاد بخاري جو سٺو ساٿي پڻ ساٿي رھيو. هن شاعري سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. هيءُ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر رهيو جنهن دوران سندس ڊراما پڻ نشر ٿيا. هن جو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان "پسي ڳاڙها گل" ء "چريو" ٽيليڪاسٽ ٿيا.  ان کان پوءِ عثمان ميمڻ جا ڊراما سنڌي جي نجي چئنلن ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان 2005ع ۾ نشر ٿيڻ لڳا. هن جي شاعري ۾ رهنمائي سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري ڪئي. محمد عثمان ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۽ استاد بخاري اڪيڊمي دادو سنڌ جو بہ گهڻو عرصو ميمبر رهيو. سندس ڊرامن ۽ ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن.[2]

ڪتاب

مشھور لکيل ڊراما

  • ”پسي ڳاڙها گُل“ (سولو پي ٽي وي- ذوالفقار نقوي)
  • ”چريو“ (سولو پي ٽي وي- هارون رند)
  • ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ (سيرل ڪي ٽي اين- منان عباسي: 70 قسطون)
  • ”آئينو“ (سيريل ڪي ٽي اين- منان عباسي)
  • ”حوا“ (سيريل ڪي ٽي اين- منان عباسي)
  • ”غريب آباد جي عذرا ۽ شمي“ ( سيريل ڪي ٽي اين- سليم شاهه راشدي: 290 قسطون)
  • ”وارث“ (سيريل سنڌ ٽي وي- منظور دانش)
  • ”شڪاري“ (سيريل سنڌ ٽي. وي- عمران چانڊيو)
  • ”دشمن“ (سيريل سنڌ ٽي وي- منظور دانش 90 قسطون)
  • ”اڄ جي نوري“ (5 ڊيز- منظور دانش)
  • ”شانتي“ (سنڌ ٽي وي. هي سيريل ٿري زبان ۾ لکيل هئي. 90 قسطون- منظور دانش)
  • ”ڪفن“ (سولو پلي ڪي ٽي اين- ڪرشن چندر جي ڪهاڻي جو ترجمو)
  • ”جيون ڪٿا“ ( سيريل مهراڻ ٽي.وي 52 قسطون)
  • ”ڀوري“ (5 ڊيز - مهراڻ ٽي وي)
  • ”دعا“ (سيريل 100 قسطون، سنڌ ٽي وي- منظور دانش)
  • ”ماچيس“ (سنڌ ٽي وي. 5 ڊيز- منظور دانش)
  • ”گيسٽ هائوس“ (ڪي ٽي. اين- 5 ڊيز)
  • ”نور فاطمه (سيريل 52 قسطون، ڌرتي ٽي وي- ظهير ميرجت)
  • ”دريا شاهه“ (ٽيلي فلم ڪي.ٽي. اين- شيراز شاهه)
  • ”شمع“ (سنڌ ٽي وي. سيريل 52 قسطون)
  • ”لڙيو سج لڪن ۾“ (سيريل- سنڌ ٽي وي)

ٻولين جي ڄاڻ

وفات

محمد عثمان ميمڻ 8 ڊسمبر 2021ع 72 سالن جي عمر ۾ پنھنجي محبوب شھر دادو۾ عبح جو 12.30 بجي ڪينسر جي مرض سبب ھن فاني جھان مان لااڏڻو ڪيو.[3] [4] [5]


حوالا

  1. سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ | SindhSalamat, وقت 2017-10-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-16 
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2022-07-27. 
  3. Moderator, The Time News. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو اڳوڻو ڊائريڪٽر عثمان ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو". The Time News. حاصل ڪيل 2022-07-27. 
  4. احسان احمد ميمڻ. "ويو وڻجارو اوھري". Sindh Express. حاصل ڪيل October 11, 2024. 
  5. احسان احمد ميمڻ (2022). منڇر جو ماڻھون. حيدرآباد, پاڪستان: محمد عثمان ميمڻ اڪيڊمي حيدرآباد. ISBN 978-6277646004.