سج گرهڻ
ڏيک
سج کي گرهڻ لڳڻ جو سبب اهو آهي جو چنڊ سج جي آڏو اچي وڃي ٿو ۽ سج ڍڪجيو وڃي ۽ چوڌاري اوندهه ڇانئجيو وڃي. ڏهه ٻارهن منٽن کان پوءِ چنڊ، سج جي آڏو هٽي ويندو آهي ته وري ڏينهن روشن ٿي ويندو آهي.
سج گرهڻ ۾ سج طرف نه ڏسجي. مڪمل نموني سج ڍڪجي وڃي ته به ان ڏي اُگهاڙين اکين يا عام ڪاري چشمي سان به نه نهارجي، ڇو جو سج مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع (Radiation) جيڪي نظر نٿا اچن، اکين جي ماڻڪي (Retina) تباهه ڪري سگهن ٿا. سج گرهڻ وقت سج جي ان اونداهي ٿالهه کي خاص ڪارن چشمن ۽ تصديق ڪيل (Certified) اوزارن (Instruments) سان ڏسي سگهجي ٿو.[1] [2] [3]
- ↑ چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-05
- ↑ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
- ↑ ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ