مواد ڏانھن هلو

هاربن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھاربن
Harbin

哈尔滨
صوبائي گاديء جو ھنڌ
哈尔滨市
ھاربن شھر
ھاربن شھر
عرفيت: برف جو شھر، اوڀر جو پیرس، اوڀر جو ماسڪو
ھاربن (گارھو) ہیلونگجیانگ (نارنگی) م
ھاربن (گارھو) ہیلونگجیانگ (نارنگی) م
ملڪ عوامی جمھوریا چين
صوبو ہیلونگجیانگ
کاؤنٹی 18
حڪومت
 • سیکرٹری لین دیو 林 铎 (اپریل سے, 2012)
 • میئر سونگ شیبن 宋希斌 (جنوری سے, 2012)
پکيڙ
 • صوبائي گاديء جو ھنڌ 53,100 ڪ.م2 (20,500 ميل2)
 • شھري 7,068 ڪ.م2 (2,729 ميل2)
 • ميٽرو 7,068 ڪ.م2 (2,729 ميل2)
بلندي 150 ميل (488 ft)
آبادي (2010)
 • صوبائي گاديء جو ھنڌ 10,635,971

هاربن (Harbin) چين ۾ واقع هڪ ذيلي صوبائي شهر آهي ۽هيلونگجيانگ صوبي جي صوبائي گاديءَ جو هنڌ آهي. [1] هي هيلونگجيانگ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، هن جي ڪل آبادي 1,06,35,971 ماڻهن تي مشتمل آهي، انهي سان گڏ ٻيو نمبر وڏي شهري آبادي وارو شهر آهي (شينيانگ، لياونگ صوبي کان پوءِ) ۽ اتر اوڀر چين ۾ سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن آبادي (شهري ۽ ٻهراڙي وارا علائقا گڏجي) آهي. هاربن کي نو ميٽروپوليٽن ضلعن، ٻه ڪائونٽي سطح جي شهرن ۽ ست ڪائونٽيز تي سڌو سنئون اختيار حاصل آهي ۽ سال 2020ع جي مردم شماري جي مطابق اٺون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو چيني شهر آهي. هاربن جو تعمير ٿيل علائقو (جيڪو شوانگ چينگ ۽ اچانگ کان سواءِ سڀني ضلعن تي مشتمل آهي) ۾ 58,41,929 ماڻهو هئا، جڏهن ته ڪل ميٽروپوليٽن جي آبادي 1,00,09,854 تائين هئي، اها دنيا جي 100 وڏي شهري علائقن مان هڪ آهي.

ھاربن، اتر اوڀر چين ۾ سڀ کان وڏو شهر، سونگھوا نديء تي هڪ ننڍڙي مڇي مارڻ واري ڳوٺ مان وڌيو آهي. سال 1898ع ۾ روسي تعمير ٿيل چيني ايسٽرن ريلوي جي اچڻ سان قائم ٿيو، شهر پهريون ڀيرو هڪ آبادي جي طور تي خوشحال ٿيو جنهن ۾ روسي سلطنت کان آيل مهاجرن جي وڏي اڪثريت آباد هئي. سال 1920ع واري ڏهاڪي ۾، شهر کي چين جي فيشن جي گاديءَ جو هنڌ سمجهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته پئرس ۽ ماسڪو کان نيون ڊزائنون شنگھائي پهچڻ کان اڳ هتي پهتيون. سال 1932ع کان 1945ع تائين، هاربن شاهي جاپاني ڪٺ پتلي رياست مانچوڪو جو سڀ کان وڏو شهر هو. پنهنجي سخت سرد سياري لاءِ سڃاتي وڃي ٿي، هاربن کي برفاني شهر (冰城) ان جي سياري جي سياحت ۽ تفريح لاءِ سڏيو وڃي ٿو. هاربن سياري ۾ پنهنجي برفاني مجسمي جي ميلي لاءِ قابل ذڪر آهي. پنهنجي تاريخي روسي ورثي ۽ فن تعمير لاءِ مشهور هجڻ ڪري، هي شهر پنهنجي يورپي اثر جي ڪري مشهور آهي ۽ اڄڪلهه چين۔روسي واپار ۾ هڪ اهم گيٽ وي طور ڪم ڪري ٿو. هاربن اتر اوڀر چين ۾ هڪ اهم سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ مواصلاتي مرڪز طور ڪم ڪري ٿو، انهي سان گڏ قوم جو هڪ اهم صنعتي بنياد آھي. هن شهر کي سال 2004ع ۾ چائنا نيشنل ٽوئرزم ايڊمنسٽريشن پاران ”چائنا ٽاپ ٽورسٽ سٽي“ قرار ڏنو ويو. هاربن دنيا جي اعليٰ 65 شهرن ۽ ميٽروپوليٽن علائقن مان هڪ آهي سائنسي تحقيق جي نتيجي ۾ جيئن نيچر انڊيڪس پاران ٽريڪ ڪيل آهي. هي شهر اتر اوڀر چين ۾ ڪيترن ئي وڏين يونيورسٽين جي ميزباني ڪري ٿو، جن ۾ هاربن انجنيئرنگ، هاربن ميڊيڪل، اتر اوڀر ايگريڪلچر، هاربن يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، هاربن نارمل، شمال مشرقي جنگلات، ۽ هيلونگجيانگ يونيورسٽيون شامل آهن. خاص طور تي، هاربن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مسلسل انجنيئرنگ لاء دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي.

نالو

[سنواريو]

هاربن، نالي سان ڪجهه مختلف معنائون بيان ڪيون ويون آهن. شهر جي حڪومت جو چوڻ آهي ته هن نالي جو مطلب جرچین ٻولي ۾ "سوان" آهي ۽ ٻين ذريعن جو چوڻ آهي ته ھي مانچو بولی جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي "مڇي مارڻ جا جال سڪائين جي جاء".

تاريخ

[سنواريو]

جاگرافي

[سنواريو]

انتظامي ڊويزنون

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. انگریزی ویکیپیڈیا کے مشارکین. "Harbin".