ڪرڙ
ڪرڙ | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ڪئپارس |
جنس: | Template:Taxonomy/ڪئپارس{. ڊيسيڊوئا |
حياتياتي نالو | |
ڪئپارس ڊيسيڊوئا (Forssk.) Edgew. |
ڪرڙ ھڪ وڻ جو نالو آھي جنھن کي علم نباتات ۾ ڪئپارس ڊيسيڊوئا (انگريزي: Capparis decidua) چوندا آهن. ان کي عربي ۾ شجرالدبيل، فارسي ۾ درخت ڪريڙ، هندي ۽ سنڌي ۾ ڪرڙ چوندا آهن. اھو سنڌ جو عام جهنگلي ٻوٽو آهي. سنڌ ۾ ڪرڙ تمام گهڻو ۽ بلڪل عام ٿئي ٿو. جنھن مان ڏوئرا، پُسي ۽ پڪا گهڻي انداز ۾ ملن ٿا. عام طرح هي ٻوٽو پڪي زمين جو آهي. هن جون پاڙون گهڻو هيٺ وڃن ٿيون ۽ پنهجو ريج زمين مان هٿ ڪن ٿيون. ٿر جي زمين وارياسي آهي، تنھنڪري ڪي ڪرڙ ڪٿي ڪٿي پڪيرڙي زمين تي ٿين ٿا تہ بہ ريج ڪافي نہ هئڻ سبب اهڙي واڌ نٿا کائين، جهڙو سنڌ جي پٽ ۾ ٿين ٿا. ان سبب نڪي اهڙا گهاٽا ٿين ٿا، نه وري منجهن ڦر جام ٿئي ٿو. ڪن ڪن هنڌن تي قضا سان ڪي پڪا اڃا پيدا ئي مس ٿين ته بلبليون ۽ ٻيا پکي کايو سڃ ڪيو ڇڏين ۽ ماڻهن کي مشڪل ڪي نصيب ٿين ٿا. ڪرڙ جا ٻوٽا اڪثر تران جي آسپاس ٿيندا آهن، جتي زمين ڏاڍي هوندي آهي ۽ ان ۾ تراين سبب ريج بہ هوندو آهي. ڪن ڪن تراين وٽ خصوصاً هڪ ڳوٺ نيڻي سر، جو گوڌيار ۽ مٺيءَ جي وچ تي آهي اتي ڪرڙن جا وڻ اتاهان نظر ايندا آهن[1]هي وڻ ڀٽن تي ڪو ورلي ٿئي. هيٺاهن هنڌن تي نرم زمين ۽ خاص ڪري ڏهرن ۽ تراين جي سخت زمين ۾ ٿئي. مهراڻي، سامروٽي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف گهڻو اُڀري. کائڙ ۽ ڪنٺي ۾ ڪونه ٿئي. سخت زمين تي يڪي تڙ سان بہ ٿئي ۽ نرم زمين تي هڪ ئي هنڌ گهڻين شاخن جي گڏ اُڀرڻ سان گهاٽا ويڙها ٺاهي بيهي،. هن جي ٽارين مان گهڻيون ٽاريون ڦُٽن ۽ اهڙيءَ طرح وڌندو ويندو. ڪچن گونچن ۾ پڻ تمام ننڍڙا ٿين، جي ڄڻ ڪنهن حساب ۾ ڪونه آهن، اهي بہ جلد ئي ڇڻيو وڃن. باقي ننڍا ننڍا ڪنڊا جام ٿين. اُن کي گهڻي پاڻي جي ضرورت آهي، تنهنڪري تراين جي ڀرسان ٿلهي ٿُڙ سان وڏا ۽ ڊگها وڻ ٿيندا آهن، باقي زمين جتي پاڻي گهٽ آهي، اتي رواجي طرح ٿين. اونهاري جو اُن ۾ پھريائين پُسي ٿئي، جنھن کي ”ٻاٽو“ به چون، مارو ماڻهو اُن جي ڀاڄي ڪن. پوءِ اُن مان ڪچا ساوا ڦل ٿين جن کي ”ڪيريا“ چون، جي چونڊي ڀاڄي ۽ آچار ڪري ڪم آڻين. پچڻ بعد ڳاڙها ٿيو پون، انهن کي ”پڪا“ چون، جي چونڊي ماڻهو لائيندا آهن، پکي خاص ڪري هُڙيا ۽ ليليون پڪا جام کائيندا آهن، ۽ ڪيترا تہ ٺونگا هڻي ڦٽايو ڪيرايو ڇڏين. غريب ماڻهو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن.
اُن جي ڪاٺي مضبوط ۽ کاري ٿيندي آهي، جنهن ڪري اُڏوهي ۽ سُرو نه لڳندو آهي، جنهنڪري گهڻي ڪم اچي ٿي، جاين لاءِ پٽيون ڪرڙ کان پوءِ دنگ آهن، اهڙيون مضبوط ٻيءَ ڪنهن به ڪاٺيءَ مان ڪونه ٿين. چونرن، لانڍين ۽ ڇَنن لاءِ کونٽا بلڪل سٺا ٿين. ٿاڌل لاءِ گهوٽا، ننڍن مَنجن جا اُپرا، دروازن ۽ درين جون ٻانهون، درن جا گاٽا، آڏيا ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون.[2]
ٻوٽي طور تڳندڙ وڻ
[سنواريو]ڪرڙ پاڻمرادو ٿيندڙ، سخت جانِ وڻ آھي. ھي اھو وڻ آھي، جنھن ۾ پن ڪونہ ٿين، رڳو سنھيون ڏاريون ٿينديون اٿس جيڪي، جيئن، جيئن وڌنديون آھن تيئن، تيئن مچنديون ڏار ٿي وينديون آھن. ڪرڙ جو ظاهر ٺوڙھو وڻ ڏاڍو گهاٽو ٿيندو آھي، تنھنڪري پنن نہ ھوندي بہ ڇانوَ ڏيندو آھي. ھي وڻ ايترو تہ گهاٽو ٿئي ٿو جو پکي بہ مٿان ويھنس پر منجهس اندر وڃيو ڪو نہ سگهن، انڪري ھن ۾ آکيرا پڻ گهٽ ڏسجن؛ البت نوريئڙو سولائيءَ سان چڙھيو، اندر گهڙيو وڃيسِ ۽ آکيرو بہ ٺاھيندو اٿس، ورلي ٻاهرين پاسن کان ڪاريون جهرڪيون بلب وانگر لڙڪندڙ آکيرا پڻ ٺاھينديون اٿس. ھي وڻ پڻ ليارن، پيرن ۽ نمورين وانگي پکين کي خوب خوراڪ پڄائيندو آھي. ماروئڙا ھن جي پُسِيءَ (گلن) مان ٻوڙ رڌيندا آھي، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو آھي. حڪيم ھن جو ڪاٺ ٻاري دوائن جو زھريلو اثر ماريندا آھن. ھن جي ڪاٺيءَ مان ٿاڌل گهوٽڻ جو ڏنڊو پڻ بي مثال ٿئي.
ھي وڻ، جيتوڻيڪ اڃ/تاس جو ڏاڍو آھي، تنھنڪري سخت سوڪھڙي ۾ پڻ پنھنجي واڌ ويجھ جاري رکندو آھي؛ جيئن ٻيا وڻ گهٽجي ويا آھن، تيئن ھاڻ ھي وڻ بہ گهڻو گهٽجي ويو آھي؛ ورلي درياھ يا واھن جي ڪنڌيءَ توڙي پراڻن مقامن ۾ ٻوٽي جي حيثيت ۾ تڳي رھيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ڌراڙ پنھنوار ان کي ٻارڻ طور ڪم آڻيو ڇڏين ۽ وڌي وڏو ٿيڻ ڏين ئي ڪو نہ.[3]
پوري پني قد جو ڪنڊن وارو وڻ ٿئي ٿو، هن جو گل ڳاڙهي رنگ تي ٿئي ٿو، جنهن کي پسي چوندا آهن ۽ ڦر گول داڻو ٿئي جو پڪي کان پوءِ گلابي رنگ جو ٿيندو آهي، اُنهن کي ڏؤنرا چوندا آهن.
ڪرڙ جي پسي
[سنواريو]هن وڻ جي گلن کي پُسي چوندا آهن. پُسيءَ جيستائين ڪچي ۽ هيڊي سائي رنگ جي هوندي آهي، تيستائين ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن. پُسيءَ جو ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي.[4]
خاصيتون
[سنواريو]هن جي پـُـسي رڌي کائبي تہ صفراوي، بلغمي ۽ رت جا دست بند ٿيندا. معدي کي تقويت ڏيندڙ شيءِ آهي. آنڊن ۽ معدي مان ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي. ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جو ٻورو ڪاڙهي پياربو ته کنگهه، جلندر، يرقان ۽ آنڊن جي ڦٽ کي فائدو ٿيندو. رحم ۽ معدي جي رطوبتن کي خشڪ ڪري ٿي. ڪرڙ جي پونگر گهوٽي بواسير ۽ ناسورن جي ڦٽن تي رکائجي ته مفيد ثابت ٿيندي.[5]
تصويرون
[سنواريو]-
بغير ميوي جي ڪرڙ جو وڻ
-
ميوي سان ڪرڙ جو وڻ
-
ڪچي ميوي وارو وڻ
-
ڪچو ميوو وڻ ۾ ڏيکاريل
-
ڪرڙ جو پڪو ميوو
-
ڪرڙ جي ٽاري تي باز ويٺل
-
ڪرڙ جو گل
حوالا
[سنواريو]- ↑ سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ ايڊيشن: 1976ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ ڪرڙ جو وڻ: ليکڪ: شبير ڪنڀار
- ↑ سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30
- ↑ فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.