مواد ڏانھن هلو

انفرا ريڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھڪ ڪوڙي رنگجي ٻن ماڻهن جي تصوير جيڪا انفرا ريڊ روشني جي ڊگھي لھرن وسيلي نڪتل آهي
انفرا ريڊ خلائي دوربيني جي ھڪ تصوير جنھن ۾ (ڪوڙا رنگ) نيرا، ساوا ۽ ڳاڙھا جيڪي 3.4 ، 4.6 ۽ 12µm لھرن سان ٺھڪندڙ آھن

انفرا ريڊ تابڪاري (انگريزي: Infrared radiation) يا (IR) جنھن کي "انفرا ريڊ روشنی" بہ چئن تا، ھڪ برقي مقناطيسي تابڪاري آھي جنھن جي روشني جون لھرون عام روشني جي لھرن کان ڊگھيون ھونديون آھن ۽ انساني اک سان ڏسي نہ سگھبيون آھن. جيتوڻيڪ ڪن حالتن ۾ 1050 نينو ميٽرن تي پلس واري ليزر مان نظر اينديون آهن.[1][2][3][4] انفرا ريڊ لھرون نظر ايندڙ شعاعي لھرن جي ڳاڙهي رنگ جي ڪناري تي 700 نينو ميٽرن کان 430 ٽيرا ھرٽز جي فريڪئنسي (ھڪ ملي ميٽر= 300 گيگا ھرٽز) وڌنديون آهن.[5] ڪمري جي گرمي ۾ شين مان نڪرندڙ حرارتي تابڪاري گھڻي ڀاڱي انفرا ريڊ ئي ھوندي آھي ڇوتہ سموري برقي مقناطيسي تابڪاري ۾ انفرا ريڊ روشن توانائي کڻندي آهي ۽ اھا ساڳي وقت روشني جي لھر ۽ ڪوانٽم ذرو يعني ڦوٽان ھوندي آھي. انفرا ريڊ تابڪاري سال 1800ع ۾ فلڪياتي ماھر سر وليم ھرشيل دريافت ڪئي. ھن شعاعي لڪيرن (انگريزي: Spectrum) ۾ نظر نہ ايندڙ تابڪاري لڌي جيڪا ٿرماميٽر تي اثر وجھڻ ۾ ڳاڙهي رنگ جي ڀيٽ ۾ گھٽ توانائي واري ھئي.[6] سج جي زمين تي پھچندڙ توانائي جو اڌ کان ٿورڙو وڌيڪ توانائي انفرا ريڊ جي صورت ۾ ھوندو آھي. جذب ٿيل ۽ ٻاھر نڪرندڙ انفرا ريڊ تابڪاري جي توازن جو زمين جي آبهوا تي تمام وڏو اثر ھوندو آھي. انفرا ريڊ تابڪاري ماليڪيولن ذريعي ان وقت ٻاھر نڪرندي ۽ جذب ٿيندي آھي جڏھن ماليڪيولن جي ڦيري واري لرزش جي حرڪت ۾ تبديلي ايندي آهي. انفرا ريڊ مالڪيولي ڊائپول واري گھڙي (moment) کي بدلائي ماليڪيولن جي لرزشي حالت کي تيز ڪندي آهي.[7] انفرا ريڊ تابڪاري جو استعمال صنعتي، سائنسي، فوجي ۽ طب ۾ ٿيندو آهي. رات جو اوندھ ۾ ڏسڻ وارن اوزارن ۾ انفرا ريڊ جو استعمال ٿيندو آهي. انفرا ريڊ فلڪياتي دوربين جنھن ۾ سينسر لڳل ھوندا آھن ۽ ان دوربين جي مدد سان خلا جي اندر ڌوڙ وارين جاين جھڙوڪ ماليڪيولي ڪڪرن ۾ شيون يا گرھ ڏسي سگھجن ٿا.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sliney, David H.; Wangemann, Robert T.; Franks, James K.; Wolbarsht, Myron L. (1976). "Visual sensitivity of the eye to infrared laser radiation". Journal of the Optical Society of America 66 (4): 339–341. doi:10.1364/JOSA.66.000339. Bibcode1976JOSA...66..339S. "The foveal sensitivity to several near-infrared laser wavelengths was measured. It was found that the eye could respond to radiation at wavelengths at least as far as 1064 nm. A continuous 1064 nm laser source appeared red, but a 1060 nm pulsed laser source appeared green, which suggests the presence of second harmonic generation in the retina.". 
  2. Lynch, David K.; Livingston, William Charles (2001). Color and Light in Nature (2nd ed.). Cambridge, UK: Cambridge University Press. p. 231. ISBN 978-0-521-77504-5. https://books.google.com/books?id=4Abp5FdhskAC&pg=PA231. Retrieved 12 October 2013. "Limits of the eye's overall range of sensitivity extends from about 310 to 1050 nanometers" 
  3. Dash, Madhab Chandra; Dash, Satya Prakash (2009). Fundamentals Of Ecology 3E. Tata McGraw-Hill Education. p. 213. ISBN 978-1-259-08109-5. https://books.google.com/books?id=7mW4-us4Yg8C&pg=PA213. Retrieved 18 October 2013. "Normally the human eye responds to light rays from 390 to 760 nm. This can be extended to a range of 310 to 1,050 nm under artificial conditions." 
  4. Saidman, Jean (15 May 1933). "Sur la visibilité de l'ultraviolet jusqu'à la longueur d'onde 3130" (French ۾). Comptes rendus de l'Académie des sciences 196: 1537–9. http://visualiseur.bnf.fr/ark:/12148/bpt6k3148d. 
  5. Liew, S. C. "Electromagnetic Waves". Centre for Remote Imaging, Sensing and Processing. حاصل ڪيل 2006-10-27. 
  6. Michael Rowan-Robinson (2013). Night Vision: Exploring the Infrared Universe. Cambridge University Press. p. 23. ISBN 1107024765.
  7. Reusch, William. "Infrared Spectroscopy". Michigan State University. وقت 2007-10-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2006-10-27. 
  8. "IR Astronomy: Overview". NASA Infrared Astronomy and Processing Center. وقت 2006-12-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2006-10-30.